مستور فاطمه بخاري

مستور فاطمه بخاري

اياز گل

اياز گل

بخاري مستور فاطمه

بخاري، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو. کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي. ايم. ايس. سي (آرڪيالاجي) 1983ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪري بعد ۾ 1987ع کان ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي ۾ ليڪچرر طور پڙهايائين، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن 2000ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجي ۾ ايم. فل ڪئي آهي ۽ سندس پي ايڇ. ڊي مڪمل ٿيڻ واري آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌ ۾ مختلف دؤرن جي عقيدن تي ٻڌمت جي ثقافتي اثر جي ارتقا“. ايم.فل توڙي پي ايڇ.ڊيءَ ۾ سندس گائيڊ مشهور آرڪيالاجسٽ احمدحسين داني مرحوم رهيو آهي. 1996ع کان هيستائين ڪيترن ئي تحقيقي پراجيڪٽن جون ذميواريون پڻ نڀائي رهي آهي، جهڙوڪ: ’لاکين جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ ۾ ٽيم ميمبر (1997ع)، ’ڀانڊي قبي‘ جي کوٽائيءَ وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر (1998ع)، اتر سنڌ ۾ ’ٻوڌي دور جا انگ اکر‘ گڏ ڪرڻ وقت مکيه کوجنا ڪندڙ (2000ع).هن وقت سکر ۾ پنهنجي وَر اياز گل سان رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.12.08  عيسوي

بخاري ، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر ، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو . کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صالح ميمڻ ڊاڪٽر
جان ميڪسويل ڪوئٽزي
ٿڌاڻي انيل
جي ايم سليڊن
حنيف جلال
رئيس امروهوي
پنهور رشيده اختر
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
شهرالله قريشي بڪيرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون